اليڪشن ڪميشن ناڻي واري وزارت کان چونڊن جي لاءِ 10 ارب روپيه گهري ورتا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي لاءِ 10 ارب روپيه گهري ورتا. اليڪشن ڪميشن پنجاب خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن لاءِ نظرثاني بجيٽ ناڻي واري وزارت آڏو رکي ڇڏيو. ٻنهي صوبن ۾ چونڊن منعقد ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 10 ارب روپيه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جو ٽوٽل خرچ 15 ارب روپيه آهي. قومي اسيمبلي جون ننڍيون چونڊون ملتوي ٿيڻ سان چونڊ خرچ گهٽ ٿي ويندا. اليڪشن ڪميشن ناڻي واري سيڪريٽري کي چيو آهي ته عام چونڊن لاءِ نظرثاني بجيٽ جي تحت ففنڊز ڏنا وڃن. چونڊن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي اوهان جي آئيني ذميوارين ۾ شامل آهي.
ناڻي واري سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي جواب ڏنو آهي ته حڪومت وٽ روزانه جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ به پئسا نه آهن. مان اليڪشن ڪميشن جي گهرج حڪومت جي سامهون رکندس. فيصلي بابت جلد آگاهي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔