ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن جو فيصلو، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي


ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ رينجرز جي مدد سان وڏو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

آپريشن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي پوليس به شامل هوندي، سنڌ ڪابينا پوليس لاءِ ملٽري گريڊ جا هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي

صوبائي گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي برييفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پوليس کي  ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي ضرورت  آهي، فوجي هٿيارن جي  خريداري لاءِ ايپڪس ڪميٽي کي  سفارش ڪئي وئي آهي
ڪابينا کي برييفنگ ڏني وئي ته فوجي هٿيارن جي  خريداري لاءِ پوڻا 3 ارب روپين جي ضرورت آهي، ڪابينا فنڊز ۽ هٿيار خريد ڪرڻ جي  به منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا جي منظوري بعد سنڌ سرڪار هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ گهرو  وزارت کان اجازت وٺندي

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو پلان ٺاهڻ جون هدايتون به ڏنيون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔