دعويٰ سان چوان ٿو ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو: اسحاق ڊار


ڪراچي: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عمران خان پاران آءِ ايم ايف جي پروگرام تي عمل نه ڪرڻ سبب هاڻوڪي مهانگائي پيدا ٿي آهي، دعويٰ سان چوان ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪفايت شعاري واري پاليسي تي سختيءَ سان عمل ڪنداسين، وفاقي سرڪار پنهنجن خرچن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪندي

هن چيو ته پاڪستان جي ڊفالٽ ڪرڻ واريون خبرون گمراهه ڪندڙ آهن، ملڪي معيشت بابت بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرطن تي عمل نه ڪيو

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان اچي اڳوڻي حڪومت جي طئي ڪيل شرطن تي عمل ڪيو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ دير ٿي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔