ڏکيو وقت ۽ ڊيفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو، ملڪ هاڻ ترقي ڪندو: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي موجودگي ۾ کين ڏياريو ويو ته پاڪستان مشڪل معاشي حالتن مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪري ايندو. ڊيفالٽ جو خطرو ٽري چڪو آهي، ملڪ ترقي ڪندو ۽ اسان هڪ خوشحال بڻجي نڪرنداسين. ملاقات جي حوالي سان باضابطه طور تي ڪوبه بيان سامهون ناهي آيو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سموري ملاقات دوران پراميد نظر آيو ۽ هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته موجوده معاشي پريشانين تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.
آرمي چيف ڪاروباري شخصيتن کي چيو ته هو هاڻ پرعزم ۽ پراعتماد رهن. آرمي چيف مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهن کي ٻڌايو ته قوم تي پريشانيون اينديون آهن ۽ اسان مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پر تمام ڏکين حالتن کي اسان پوئتي ڇڏي چڪا آهيون. جنرل عاصم اسلامي تعليمات جو حوالو ڏنو ۽ شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان موجوده امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندو

ملاقات ۾ شامل هڪ شخص نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪاروباري ماڻهن آرمي چيف سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي، ناڻي واري وزير کي آرمي چيف سيشن ۾ شرڪت لاءِ گهرايو هو. ڪاورباري ماڻهن هن ملاقات کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔