وزيراعظم شهباز شريف ۽ بل گيٽس جو ٽيليفون تي رابطو، پوليو جي خاتمي تي ڳالهيون

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.
وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم بل گيٽس فائونڊيشن طرفان ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ مدد جي تعريف ڪئي ۽ وزيراعظم تازي ٻوڏ ۾ به پاڪستان لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن جي امداد جي تعريف ڪئي

وزيراعظم بل گيٽس کي پوليو جي خاتمي لاءِ صحت واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف طرفان فائونڊيشن سان ڀائيواري وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان يقين ڏيارڻ جو ارادو به ظاهر ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف 2022 ۾ پوليو جي نئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان پوليو جي سمورن قسمن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ پوليو جو خاتمو يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي فائونڊيشن طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي ملي ڪم جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔