فاسٽ بالر رڳو اسپيڊ سان بيٽرز کي نٿو ڊيڄاري سگهي: نسيم شاهه

راولپنڊي؛ نسيم شاهه چيو آهي ته پاڪستاني پچز تي فاسٽ بالر صرف اسپيڊ سان بيٽرز کي نٿو ڊيڄاري سگهي. نسيم شاهه چيو ته اسپيڊ هجي يا سوئنگ ڪنهن هڪ شيءِ تي نٿو ڀاڙي سگهجي، رفتار هڪ اهم هٿيار آهي پر لائن ۽ لينٿ به خاص آهي

هن چيو ته فاسٽ بالر لاءِ هڪ ئي لائن تي لاڳوتو بالن ڪرائڻ سولو ناهي هوندو، 140 جي رفتار سان بالنگ ۾ تسلسل برقرار رکڻ به ڏکيو هوندو آهي، هن کي سوئنگ ۽ ويري ايشن کان به ڪم وٺڻو پوندو آهي

خاص ڪري ٽي ٽوئنٽي ۾ گهڻي سمجهداريءَ جي ضرورت هوندي آهي، اسپيڊ ڪم ايندي آهي پر بال ٿورو به هيڏانهن هوڏانهن ٿيو ته بائونڊري لڳي ويندي آهي

نسيم شاهه چيو ته شين بونڊ جو ايڪشن تمام سٺو لڳو، هن جيان بالنگ ڪرائڻ چاهيندو هيس، وقار يونس کان به سکيو، عمر گل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ آخري اوورز جو اسپيشلسٽ هو، مان هن کان به رهنمائي حاصل ڪندو آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔