سڄي ملڪ ۾ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ شب برات نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. هونئن ته شعبان المعظم جو سڄو مهينو برڪتن وارو آهي پر شعبان المعظم جي 15هين رات کي شب برات چيو ويندو آهي. شب جي معنيٰ رات ۽ برات جي معنيٰ ڇوٽڪارو آهي.
روايت ۾ آهي ته هن رات رب پاڪ جون پنهنجي مخلوق مٿان خصوصي رحمتون هونديون آهن ۽ هن ڀلاري رات جي صدقي ڪيترن ئي گناهگارن جا گناهه بخش ڪيا ويندا آهن

هن رات جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هن رات سموري سال ۾ ٿيندڙ سمورن ڪمن، عروج، زوال، ڪاميابي، ناڪامي، رزق ۾ تنگي، موت، حيات ۽ ٻين ڪمن جي فهرست جوڙي ويندي آهي ۽ فرشتن کي پنهنجن پنهنجن ڪمن جي حوالي سان ورهائي ڏني ويندي آهي.
ان حوالي سان مغرب جي نماز کان پوءِ 6 نفل ادا ڪيا ويندا آهن. عبادت جو سلسلو سڄي رات جاري رهندو آهي. جنهن ۾ رب پاڪ جي آڏو گناهن جي توبهه، بخشش ۽ مغفرت، ايمان ۽ سلامتي، رزق جي ڪشادگي، آفتن، مصيبتن، محتاجي، تندگستي، صحت وعافيت، عالم اسلام پاڪستان جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون آهن. ان کان علاوه فوت ٿي ويندڙن جا وارث سندن قبرن تي فاتحه خواني جي لاءِ قبرستان جو به رخ ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔