اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي سميت پي ٽي آءِ جا سمورا نظربند ڪارڪن جيلن مان آزاد

راولپنڊي: لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جيل ڀريو تحريڪ تحت راولپنڊي لاهور ۽ ملتان مان گرفتاريون ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سميت سمورن ڪارڪنن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو.
رپورٽ موجب عدالت طرفان لکت ۾ حڪم جاري ٿيڻ کان پوءِ راولپنڊي مان گرفتاري ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ ۽ زلفي بخاري سميت 47 ڪارڪنن کي شاهپور جيل مان آزاد ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ جيل جي ٻاهر موجود هو، جنهن آزادي ماڻيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان گل نڇاور ڪيا جڏهن ته عمران خان جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي. فياض الحسن چوهاڻ به آزادي تي عمران خان جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي جنهن تي ڪارڪنن به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.
جنهن کان پوءِ راجنپور جيل ۾ نظر بند ڪيل پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر سميت 27 ڪارڪنن کي ڊسٽرڪٽ جيل مان آزاد ڪيو ويو. هوڏانهن ڊيره غازي خان ۾ جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس، اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل ۽ اڳوڻو پنجاب جو صحت بابت صلاحڪار محمد حنيف سميت ٻين ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ اٽڪ جيل مان پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ ٻين ڪارڪنن کي به آزاد ڪيو ويو.
هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي درخواست تي فيصلو ڏيندي پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان حوالي سان لکت ۾ حڪم به جاري ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔