چين هڪ دفعو ٻيهر دوستي جو حق ادا ڪري ڇڏيو، پاڪستان کي 50ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملي وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ جاري بدترين معاشي بحران دوران چين پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ هڪ دفعو ٻيهر دوستي جو حق ادا ڪندي 50 ڪروڙ ڊالر ڏئي ڇڏيا.
وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي لکيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بينڪ آف چائنا لميٽيڊ کان 1.3 بلين ڊالر جي فنانسنگ سهوليت مان 500 ملين ڊالر(50 ڪروڙ ڊالر) ملي ويا آهن جنهن سان ملڪ جا ناڻي وارا ذخيرا مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته 1.3 بلين ڊالر جي فنانسنگ جي حوالي سان سموريون رسمي ڪارروايون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ چيني بينڪ رول اوور سهوليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اها رقم 3 قسطن ۾ ڏني ويندي جنهن مان پهرين قسط اسٽيٽ بئنڪ کي ملي چڪي آهي.
ياد رهي ته ڪالهه جمعي تي پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير چيو هو ته ملڪ جي معيشت لاءِ فنانسنگ تمام گهڻي اهم آهي ڇو ته اسان ادائيگي جي توازن واري بحران کي منهن ڏنو آهي. اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ذخيرا مشڪل سان 3 هفتن جا بچيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔