پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي ججز تي حملن جو مقصد چونڊن کان فرار ٿيڻ آهي: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز جا سپريم ڪورٽ جي ججز تي حملا شرمناڪ آهن.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم ۽ مريم نواز طرفان سپريم ڪورٽ جي ججز تي شرمناڪ حملا باقاعده منصوبه بندي تحت ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته انهن حملن جو هڪڙو ئي مقصد اهو آهي ته هو هاڻ چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهين ٿا پوءِ ان جي لاءِ هنن کي آئين جي ڀڃڪڙي ئي ڇو نه ڪرڻي پئي. پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ کي نشانو بنائڻ سان وفاق کي نقصان پهچندو هي چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي وڃي.
عمران خان وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻن اسان کي چئلينج ڪيو هو ته جيڪڏهن چونڊون چاهيو ٿا ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين کي ٽوڙي ڏيکاريو. هنن کي خبر آهي ته هي چونڊون نٿا کٽي سگهن ان جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججز کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي لاءِ تيار آهن ته جيئن چونڊون نه ٿي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔