پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن تي پاڻمرادو نوٽيس: پي ڊي ايم جسٽس اعجاز ۽ جسٽس مظاهر تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني لارجر بينچ آڏو پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جي گڏيل استدعا ڪئي وئي ته جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي لارجر بينچ کان ڌار ٿي وڃن

پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا آهن

 لارجر بينچ آڏو پيش ٿيڻ بعد فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پارٽيءَ کان هدايتون مليون آهن ته جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي بينچ کان ڌار ٿي وڃن، فاروق ايڇ نائڪ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جو بيان به عدالت آڏو پڙهي ٻڌايو، بيان ۾ ٻنهي ججز کي بينچ کان ڌار ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ٻنهي ججز سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي تجويز ڏني هئي، تنهن ڪري ٻنهي ججز کي بينچ کان ڌار ڪيو وڃي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان توهان کي سومر ڏينهن ٻڌنداسين، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ پاران پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون نه ٿيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي سومر ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔