جتان به لڳو ته آئين کي خطرو آهي ان جو مقابلو ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد : پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جتان به لڳو ته آئين کي خطرو آهي ان جو مقابلو ڪنداسين، پيپلز پارٽي سدائين غيرآئيني عمل جي خلاف رهي آهي

ضياءَ ۽ مشرف جا دور هڪ امتحان هو، اسان جي ووٽ جي حق ۽ عوام جي کيسي تي ڌاڙا هنيا ويا، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، اُن امتحان ۾ پاس ٿي وياسين ته اها وڏي ڪاميابي هوندي

عمران خان جي دور ۾ جيڪو نقصان ٿي رهيو هو، اهو هاڻي نه پيو ٿئي، اُن وقت نظام ۽ آئين خطري ۾ هئا، ڪنهن به غير جمهوري قدم تي خاموش نه ويهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔