پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل

لاهور: عدالتي حڪمن جي باوجود پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي شهري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
شهيري منير احمد پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي حوالي سان داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست ۾ پنجاب جي گورنر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بنايو آهي

درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي پنجاب جي گورنر سان مشاورت کان پوءِ تڪڙين چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو. آچر کان پوءِ هاڻ صرف 60 ڏينهن رهجي ويا آهن. ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جي اعلان ۾ وڌيڪ دير نٿي ڪري سگهجي.
درخواستگذار موجب اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ٿيڻيون آهن جڏهن ته اسيمبليون ٽوڙڻ کي به 30 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ هاڻ 60 ڏينهن باقي آهن. درخواسگذار جي وڪيل نشاندهي ڪئي آهي ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي 7 ڏينهن اندر چونڊ شيڊول جاري ڪرڻو هوندو آهي.
درخواست ۾ اهو به قانوني نقطو اٿاريو ويو آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو ان لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔