حياتي بچائيندڙ 119 دوائون 367 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جو فيصلو، سمري تيار

اسلام آباد : صحت واري وزارت ۽ ڊريپ، فارما انڊسٽريز جي سامهون گوڏا کوڙي ڇڏيا، 119 دوائن جي اگهن  ۾ 350 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي سمري وفاقي ڪابينا کي موڪلي ڇڏي

دوائون مهانگيون ڪرڻ جي سمري ڊريپ ۽ وزارت صحت تيار ڪئي آهي، جنهن موجب ٽائي فيم انجيڪشن جي قيمت ۾ 367 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن جي پراڻي 687 رُپيا آهي ۽ نئين قيمت 3216 رُپيا ٿي ويندي

ڪلورو ڪوائن فاسفيٽ جي قيمت 206 سيڪڙو اضافي بعد ۾ 431 رُپين مان وڌي هڪ هزار 323 رُپين جي ٿي ويندي جڏهن ته نيلٽراڪشن 213 سيڪڙو اضافي بعد 665 کان وڌي 2 هزار 84 رُپين جي ٿي ويندي

اکين جي ڊراپس جي قيمت ۾ 177 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ آءِ ڊراپس جي قيمت 26 رُپين مان وڌي 73 رپيا ٿي ويندي، هومن ڪورينڪ گونا ڊوٽروفين جي قيمت هڪ هزار 225 رپين کان 2 هزار 941 روپين تائين ٿي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔