بلوچستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪو: پاڪ فوج جا ميجر ۽ ڪيپٽن شهيد

بلوچستان جي ڪوهلو واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو آهي

 آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 آفيسر شهيد ٿي ويا آهن

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو ته ڌماڪو ٿيو

 بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب ميجر جواد ۽ ڪئپٽن صغير شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔