ڇا عوامي اعتماد جي امين پاران پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ درست آهي؟:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪنڊڪٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن

نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا قانونسازي جي وقت بائيڪاٽ ڪرڻ، وري عدالت اچڻ پارلياماني جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ نه آهي؟

جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ هو ته ڇا عوامي اعتماد جي امين پاران پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ درست آهي؟ ڇا پارليامينٽ وارو ڪم عدالت ۾ آڻڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ برابر ناهي؟ ڇا ووٽنگ کان پاسو ڪندڙ جو عدالت ۾ دعويٰ جو ڪو حق ٺهي ٿو؟

چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته ڇا ان بنياد تي عوامي مفاد جو ڪيس نه ٻڌون ته درخواست گذار جو ڪنڊڪٽ درست نه هو؟ پارلياماني ڪارروائي جو بائيڪاٽ سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ ته بائيڪاٽ جي ڊگهي تاريخ آهي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔