سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ڪابينا جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪڻڪ جو امدادي اگھه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو

نوٽيفڪيشن موجب 15 مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي، هن ڀيري حدف 14 لک ميٽرڪ ٽن آهي

واضح رهي ته ايوان زراعت سنڌ مطالبو ڪيو هو ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ خريداري سينٽرز به جلد کوليا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔