عمران خان کي آڻيندڙن لاءِ معافي ڪافي نه آهي: مريم نواز

ايبٽ آباد: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي آڻيندڙن لاءِ معافي ڪافي نه آهي، جن عمران خان کي آندو اهي عمران خان لاءِ سزا به تجويز ڪن

ايبٽ آباد ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته نون ليگ کانسواءِ ٻي ڪا به جماعت ملڪ کي بحرانن مان نه ٿي ڪڍي سگهي
هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پنهنجا کيسا ڀريندو رهيو، کيسا تون ڀرين ۽ جيل وري عوام ڀرين؟
مريم نواز چيو ته ڪي پي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن جي ذميوار اڳوڻي صوبائي سرڪار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔