پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جو بحران برقرار، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

لاهور: پنجاب ۾ ڪٿي پيٽرول پمپ بند آهن ته ڪٿي ڊگهيون لائنون لڳل آهن. حڪومت پيٽرول ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٽبه سلطانپور ۾ ضلع انتظاميه رات دير سان پيٽرول ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. وهاڙي ويجهو پارڪنگ ۾ موجود 47 آئل ٽينڪرز کي تحويل ۾ ورتو ويو.
ڊي سي او موجب آئل ٽينڪرز ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو 20 لک ليٽر کان وڌيڪ فيول موجود آهي. وهاڙي آئل ڊپو ويجهو 8 غيرقانوني آئل ٽريڊز جي دڪانن کي به سيل ڪيو ويو آهي. ڊي سي او چيو آهي ته پيٽرول پمپ مالڪن مصنوعي بحران پيدا ڪري پيٽرول 300 کان 350 روپيه ليٽر وڪرو ڪري رهيا هئا

پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سمورن پيٽرول پمپس کي چيڪ ڪيو پيو وڃي. 6 پيٽرول پمپس کي سيل ڪيو ويو. 21 ايف آءِ آر ڪاٽيون ويون آهن. ٻن ضلعن ۾ 7 پيٽرول پمپس مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ 20 ڏينهن جو پيٽرول ۽ 28 ڏينهن جو ڊيزل موجود آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ نه ٿيڻ گهرجي

توڪي، قصور ۽ شيخوپوره ۾ به پيٽرول ذخيرو ڪندڙن خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي. 33 ڪروڙ روپين جي ماليت جو ذخيرو ڪندڙ پيٽرول ۽ ڊيزل هٿ ڪيو ويو آهي. ٻن ڊپوز کي سيل ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ آئل ٽينڪر به قبضي ۾ ورتا ويا. جڙانوالا ۾ انتظاميه جي ڪارروائين کان پوءِ پيٽرول پمپ مالڪن محدود مقدار ۾ پيٽرول ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي اڃان تائين پيٽرول جو وڪرو بند آهي.
پيٽرول پمپ سيل ۽ ڏنڊ هڻڻ جي ڌمڪين باوجود پيٽرول جي کوٽ ۾ گهٽتائي ناهي اچي سگهي. لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جو بحران برقرار آهي. ڪٿي پمپ مالڪن پيٽرول جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو آهي ته ڪٿي انتهائي گهٽ مقدار ۾ پيٽرول ڏنو پيو وڃي.
لاهور جي مختلف علائقن ۾ شهرين کي پيٽرول نه پيو ملي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪنهن ڪنهن جڳهه تي پيٽرول ملي ٿو ته اتي ڪار سوار 20 ۽ موٽر سائيڪل سوار چار ليٽر کان وڌيڪ پيٽرول نٿا وجهرائي سگهن.
گوجرانوالا شهر ۾ 80 سيڪڙو پيٽرول پمپ بند آهن. فيصل آباد ۾ به پيٽرول جي کوٽ آهي جڏهن ته سرگودها ۾ به ڪيترائي پيٽرول پمپ بند آهن. پاڪپتن۾ هڪ ليٽر پيٽرول 300 روپين جي حساب سان ملي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔