سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس: عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي طلبي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج راجه جواد عباس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ ۽ پراسيڪيوٽر پيش ٿيو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته عمران خان زخمي آهي جنهن سبب هو پيش نٿو ٿي سگهي. عمران خان جي وڪيل طبي بنيادن تي پنهنجي موڪل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت چيو ته عمران خان جي زمان پارڪ مان هڪ وڊيو جاري ٿي آهي جنهن ۾ هو پنڌ هلندي نظر اچي رهيو آهي.
عدالت بابر اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان پي ٽي آءِ چيئرمين جي مستقل ضمانت تي دليل ڏيو هو 15 فيبروري تي ايندو يا نه ايندو اسان ضمانت تي فيصلو ڏئي ڇڏينداسين. جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي رد ڪندي کيس 15 فيبروري تي طلبي جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪندي عمران خان کي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔