توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانه ريفرنس ۾ فوجداري ڪارروائي ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، اسلام آباد جي عدالت عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 فيبروري تي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري کي اڄ ئي وڪالت نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، پر پيش نه ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔