پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع

ڪراچي: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع، ڳالهين دوران آءِ ايم ايف جي نائين پروگرام تي عملدرآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي

آءِ ايم ايف طرفان وفد جي سربراهيءَ ناٿن پوٽر ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 2 فيبروري تائين ڳالهين جو دور هلندو

3 فيبروري کان 9 فيبروري تائين پاليسي تيار ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحاليءَ لاءِ ڪيترائي قدم کڻڻ جا مطالبا رکي ڇڏيا، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ هر حال ۾ آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪرائڻو آهي

آمريڪي ڊالر جي تيزيءَ سان اُڏام جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 37 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 270 رپين جو ٿي ويو

گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 269 رپيا 63 پئسا تي بند ٿيو هو، اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 275 رپين جو ٿي ويو، سون جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، سون جو في تولو 2 لک 10 هزار500 رپين تائين پهچي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔