وزيراعظم آرمي چيف سان گڏ پشاور پهتو: آپگهاتي بمبار پوليس لائين ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟

پشاور: پوليس لائين جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي بعد وزيراعظم شهباز شريف طرفان آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ پشاور جو هنگامي دورو ڪيو ويو آهي

بچاءَ جو وزير ۽ وفاقي گهرو وزير به وزيراعظم سان گڏ پشاور پهتا، سيڪيورٽي ادارن وزير اعظم کي بريفنگ ڏني

امن امان بابت اجلاس دوران وزيراعظم ڌماڪي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته آپگهاتي بمبار پوليس لائين ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟

آءِ جي ڪي پي بريفنگ ڏيندي چيو ته اِن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ٿي سگهي ٿو آپگهاتي بمبار اڳ ئي پوليس لائين ۾ ترسيل هجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔