وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پشاور ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته الله جي گهر ۾ سجدي هيٺ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي خلاف آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو به واسطو ناهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان جي خلاف جنگ ڪرڻ  وارن جو ناءُ نشان مٽائي ڇڏينداسين ۽ ناحق شهرين جو رت وهائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا هڪ ۽ متحد آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي.

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته سندس دعائون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن

هن چيو ته  دهشتگردي جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي آهي ته اسين پنهنجي انٽيلي جنس ۾ بهتري آڻيون، پوليس کي مناسب انداز ۾ ضروري سامان سان ليس ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔