پشاورڌماڪي جي شهيدن جو انگ 47 ٿي ويو

پشاور جي پوليس لائينز ۾  مسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 47 نمازي شهيد ٿي ويا آهن، ايس پي نور الزمان سميت 130 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن

مسجد ۾ ظهر جي نماز پڙهڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب مسجد جي ڇِت ڪري پئي، سيڪيورٽي اختيارين موجب نماز دوران پهرين صف ۾ بيٺل آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو

 زخمين کي ليڊي ريڊنگ ۽ ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، 30 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي

پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون گڏ ڪري ورتيون، ڌماڪي ۾ 10 ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد استعمال ٿي سگهي ٿو

ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي

ٻئي پاسي وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔