خبر ناهي ته اسحاق ڊار کي ڇو واپس آڻي ملڪ کي نقصان پهچايو ويو؟ مفتاح اسماعيل

ڪراچي:نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ عجب نظام قائم ٿي ويو آهي، اسان جا سمورا فيصلا اشرافيه ڪري رهي آهي

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اسان وٽ درست گورننس ناهي، اِن ڪري پاڪستان پوئتي ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ ترقي ڪندي اڳتي وڌي رهيا آهن، جيستائين اختيار مقامي سطح تي منتقل نه ٿيندا تيستائين گورننس بهتر نه ٿيندي، اسان کي هيٺين طبقي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن

اڳوڻي ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته اسان جمهوري نظام، حڪومت ۽ صدارتي نظام ڏٺو آهي، آمريت به ڏٺي آهي، ملڪ ۾ عجب اشرافيه جو نظام قائم آهي جنهن کي هٽائڻو پوندو، هڪ خاص طبقو سموري ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، افسوس آهي ته اسان به ملڪ جو نظام تبديل نه ڪري سگهياسين

اسحاق ڊار کي پاڪستان آڻڻ بابت سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته اسحاق ڊار عوام ۾ منهنجي خلاف ڳالهايو ۽ منهنجي قابليت تي سوال اٿاريا جنهن تي مون جواب ڏنو، خبر ناهي ڊار صاحب کي ڇو آندو ويو پر ڊار صاحب جي ڪري پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو، حڪومت هاڻي آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃڻ تي راضي ٿي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔