هڪ تصوير جا ٻه رُخ، انسٽاگرام سڀني کان گوءَ کڻي ويو

مشهور سوشل ميڊيا ايپليڪيشن انسٽاگرام هڪ وڌيڪ نئون فيچر ڊئنامِڪ پروفائيل فوٽو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ان فيچر ذريعي واهپيدار پروفائل ۽ ڊيجيٽل اواتار کي هڪ ئي وقت پروفائل پڪچر طور استعمال ڪري سگهن ٿا.

ان کان اڳ صارفين پروفائيل تصوير يا اواتار مان ڪا هڪ تصوير پروفائل لاءِ استعمال ڪري سگهندا هئا.

پر هاڻي ٻنهي کي ڪنهن سڪي جيان گهمائي ڏسڻ ممڪن بڻايو ويو آهي

ميٽا جي زير ملڪيت فوٽو شيئرنگ ايپ هڪ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته هاڻي واهپيدار پنهنجي تصوير جي ٻئي پاسي اواتار جو واڌارو ڪري سگهن ٿا.

ڪمپني موجب پروفائيل تي ايندڙ ماڻهو تصوير تي ڪلڪ ڪري ٻئي پروفائيل تصويرون ڏسي سگهن ٿا.

فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو

هن فيچر کي استعمال ڪرڻ به سولو آهي بس ايڊٽ پروفائيل بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو ۽ اتي پنهنجي ڊيجيٽل اواتار جو واڌارو ڪريو.

ائين ڪرڻ کانپوءِ اوهان جي پروفائيل فوٽو پاڻمرادو اواتار سان سلهاڙجي ويندئو.

سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ موجب اِهو پهريون ڀيرو آهي جو اينيميشن کي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

انسٽاگرام ۾ اواتار ٺاهڻ وارو فيچر سال ٻه هزار ٻاويهه ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي ان کي ڊائنامِڪ پروفائيل تصوير فيچر کان وڌيڪ نمايان ڪيو پيو وڃي.

ميٽا جي ٻين ايپس جهڙوڪ فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ ميسنجر ۾ به ڊيجيٽل اواتار ٺاهڻ ممڪن آهي، پر ڊائنا مِڪ پروفائيل تصوير وارو فيچر اڃا انهن سروسز جو حصو ناهي بڻيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔