ڊالر جي ريٽ تي ڪيپ ختم ٿيندي ئي آمريڪي ڪرنسي وڌيڪ مهانگي

ڪراچي:ڊالر جي ريٽ تي ڪيپ ختم ٿيڻ کانپوءِ پهرئين ئي ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڪرنسي سوا ٻه رپيا مهانگي ٿي 243 رپين جي ٿي وئي.

گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 240 رپيا 75 پئسا هئي.

اڄ انٽر مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ به ڊالر 49 پئسا مهانگو ٿي 230 رپين 89 پئسن تي بند ٿيو.

واضح رهي ته ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن گذريل ڏينهن ڊالر جي قدر تي لڳل ڪيپ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔