” اي بي ڊيويليئرز جي انداز ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان پنهنجي پسنديدا ڪرڪيٽر بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي.

هڪ بيان ۾ محمد رضوان چيو ته مداح چاهين ٿا ته مان تيز کيڏان پر منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيان.

هن چيوته ائين ٿيندو آهي ته اسڪور بورڊ کي ڏسندي جيڪو ٽيم لاءِ اهم آهي اُهو ڪيو وڃي، مان ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽر اي بي ڊيويليئرز جو مداح آهيان ۽ سندس ڪارڪردگي کان تمام ويجهو کان ڏسندو آهيان.

قومي ڪرڪيٽر چيو ته  جيئن هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ يا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ کيڏندو هو ان انداز سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، انڪري مان به ٽيم جي گهرجن پٽاندڙ کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان.

هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽوئنٽي ۾ گهٽ اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏڻو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف ٽيم وڪيٽن وٺڻ چاهيندي آهي، اوهان شروع ۾ هوريان کيڏو ۽ پوءِ جڏهن ٽيم کي ضرورت محسوس ٿئي ته پنهنجا هٿ کولجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔