آمريڪي ڊالر بي قابو: هڪ ڏينهن ۾ 12 روپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ايڪسچينج ڪمپنين طرفان ڊالر کي آزاد ڪري مارڪيٽ فورسز تي ڇڏڻ واري فيصلي جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن دوران 12 روپين جو اضافو ٿي ويو. اڄ ڪرنسي جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ آمريڪي ڊالر رڪارڊ مهانگو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 12 روپين جي اضافي سان 255 روپين تي پهچي ويو.
انٽر بينڪ ۾ به ڊالر جي قيمت 8.86 روپين جي اضافي سان 239.75 روپين تي پهچي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي رسد نه هجڻ سبب ان ڳالهه جو اڳ ئي امڪان هو ته ڊالر جو اگهه 250 کان مٿي پهچي ويندو.
ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 230 روپيه 80 پئسا تي بند ٿيو هو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 28 جولاءِ 2022ع تي هن وقت تائين جي بلند ترين قيمت 239.94 روپيه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔