اسٽيبلشمينٽ آصف زرداري ۽ نواز شريف جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا

لاهور :  ملڪ جي سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آصف زرداري ۽ نواز شريف کي حالتن  متحد ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي نتيجي طور اسٽيبلشمينٽ  مڪمل طور سياسي معاملن کان الڳ  ٿي وئي آهي ۽ جنرل (ر)باجوه  جي باقيات  پاڻ بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهي.

نامياري صحافي موجب  آصف زرداري ۽ نواز شريف پارلياماني سياست جون ٻه اهڙيون اهم شخصيتون آهن جيڪي جڏهن متحد ٿيون ته جنرل  (ر) مشرف عبرت جو نشانو بڻجي چڪو جيڪو اڄ  ڪلهه  دبئي  جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي.

  پنجاب اسيمبليءَ  ۾ پرويز الاهي جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ  وقت پي ڊي ايم جي سربراهن محسوس ڪيو ته پرويز الاهي  کي ڪٿان غيبي  مدد ملي آهي. ساڳي طرح ڪراچيءَ  ۾ مڪاني چونڊن دوران ايم ڪيو ايم جي بائيڪات ۽ جماعت اسلامي جي اڀري اچڻ به پي ڊي ايم قيادت جي ذهنن ۾ اسٽيبلشمينٽ بابت خدشن کي جنم ڏنو.

نامياري صحافي موجب ان صورتحال کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي ٻن اهم شخصيتن ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن کانپوءِ  آصف زرداري ۽ نواز شريف کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به سياسي معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به  ڪردار نه آهي.

عمران خان جي سياست تي منڌيئڙو لڳي چڪو آهي. ڇو ته ملڪ جي معاشي تباهيءَ  جو ان کي ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري  ان جي ڪنهن به قسم جي سهولت ڪاريءَ  جو هاڻي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

رهيو سوال ته ڪنهن  نئين سياسي پارٽي يا گروپ کي اسٽيبلشمينٽ جي سهولت ڪاري حاصل نه  آهي نه ان جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. نامياري صحافي موجب محسوس ته اهو ٿي رهيو آهي ته عمران پراجيڪٽ جا سرجڻهار ۽ سهولت  ڪار به شايد جيل ۾ نظر ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔