قومي ڪرڪيٽر شاداب خان نڪاح ڪري ورتو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان نڪاح ڪري ورتو، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي مداحن کي ٽوئيٽر تي ڏنو.

شاداب خان ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”الحمدالله اڄ منهنجو نڪاح هو، هي منهنجي زندگي جو وڏو ڏينهن هو ۽ اڄ هڪ نئين بابت جي واڌ ٿي آهي، مهرباني ڪري منهنجي چونڊ، منهنجي گهرواري ۽ اسان جي خاندان جو احترام ڪيو، توهان سڀني لاءِ دعائون ۽ پيار“

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”مان پنهنجي مينٽور ادا ثقي جي خاندان جو حصو بڻجي رهيو آهيان، مان ڪرڪيٽ جي شروعات کان ئي پنهنجي نجي زندگي کي ڌار رکڻ چاهيو، منهنجي فيملي به ان عمل کي ترجيح ڏني آهي، گهرواري جي به اها ئي خواهش آهي، هوءَ چاهي ٿي ته اسان جي زندگي نجي ئي رهي، مان گذارش ڪيان ٿو ته منهنجي، گهرواري ۽ اسان جي خاندان جي چوائس جو احترام ڪيو.

واضح رهي ته شاداب خان جو نڪاح قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جي ڌيءَ سان ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔