محسن نقوي کي آڻڻ مان واضح ٿيو ته حڪمران چونڊون ڪرائڻ نٿا چاهين: عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته معزز ججز صاحب! قوم توهان مان اُميد رکي ٿي ته جمهوريت کي بچايو

افسوس سان چوڻو پوي ٿو عدليه اسان جي حقن جو تحفظ نه ڪيو آهي، اسان وٽ عدليه وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو آپشن آهي رستن تي اچون ۽ ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچايون

ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته محسن نقوي کي آڻڻ مان واضح ٿيو ته حڪمران چونڊون ڪرائڻ نٿا گهرن، عدليه جي ذميواري آهي ته چونڊون يقيني بڻائي

آئين ۾ چونڊن کي 90 ڏينهن کان اڳتي کڻي وڃڻ جي گنجائش ناهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪهڙي بنياد تي محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير ڪيو

محسن نقوي اچڻ سان پنهنجا ڪارناما شروع ڪيا آهن، عدالت طرفان 3 ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو، 25 مئي تي لانگ مارچ ۾ تشدد ڪندڙ پوليس آفيسرز کي واپس آندو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔