طالبان جون عورتن تي پابنديون، آسٽريليا افغانستان سان کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪينبرا: طالبان طرفان عورتن جي پابندين کي جواز بڻائيندي آسٽريليا افغانستان سان ون ڊي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب آسٽريليا ۽ افغانستان وچ ۾ ون ڊي سيريز مارچ ۾ ٿيڻي هئي پر آسٽريليا ان تان هٿ کڻي ويو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته سيريز تان هٿ کڻڻ جي معاملي تي حڪومت سان ڊگهي مشاورت ٿي، فيصلو اهو ٿيو آهي ته هن وقت سيريز کيڏڻ ممڪن ناهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب اهو فيصلو طالبان طرفان عورتن ۽ ڇوڪرين جي ملازمت ۽ تعليم تي پابندي سبب ڪيو ويو آهي، عورتن ۽ ڇوڪرين کي پارڪس ۽ جم وڃڻ جو موقعو به نه پيو ڏنو وڃي، اسان عورتن ۽ مردن جي راندين ۾ شموليت جا حامي آهيون.

واضح رهي ته اها سيريز آءِ سي سي سپر سيريز جو حصو آهي، جيڪا دبئي ۾ شيڊيول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔