موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر وڌڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 جنوري تائين پارو 7 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ٿڌ جي لهر 17 جنوري تائين سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ رکندي، ڪراچي ۾ ڏينهن جو پارو 22 کان 24 ڊگري، جڏهن ته سنڌ جي مٿين علائقن ۾ 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.ا

هن ٻڌايو ته 17 جنوري کانپوءِ ٿڌ جي لهر ۾ گهٽتائي اچڻ لڳندي، جڏهن ته 18 کان 19 جنوري دوران اولهه هوائن جو هڪ سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 21 جنوري کانپوءِ هڪ ٻيو ڪولڊ ويو ملڪ کي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔