صحت جي عالمي اداري ڀارت جا سيرپ غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا

صحت جي عالمي اداري ازبڪستان ۾ 19 ٻارن جي موت کانپوءِ کنگهه جي ٻن ڀارتي سيرپن کي غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته کنگهه جا ڀارتي سيرپ ايمبرونول ۽ ڊوڪ ون ميڪس ڪوالٽي اسٽينڊرڊ تي پورا لهڻ ۾ ناڪام رهيا.

ڊبليو ايڇ او موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڪمپني مارين بائيوٽيڪ جي تيار ڪيل ٻنهي سيرپن ۾ ڊائي ٿيلين گلائڪول ۽ ايٿيلين جي مقدار ضرورت کان وڌيڪ آهي.

رپورٽ موجب انهن ٻنهي ڀارتي سيرپن سبب ازبڪستان ۾ 19 ٻارن جو موت ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔