فلپائن ايئرپورٽ تي بجلي بند سبب اڏامون متاثر، مسافر رولڙي جو شڪار

منيلا: فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ موجود ملڪ جي مصروف ترين ايئرپورٽ تي بجلي بند ٿيڻ سبب ريڊار جواب ڏئي ويا جنهن جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 360 اڏامون رد ڪيون ويون، گھڻن جا رخ موڙيا ويا.جنهن سبب هزارين مسافر ائيرپورٽ تي ڦاسي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايوي ايشن عملي گذريل ڏينهن منيلا جي پرڏيهي هوائي اڏي تي ائير ٽريفڪ مينيجمنٽ سينٽر ۾ هڪ ”ٽڪنيڪي مسئلي“ جي نشاندهي ڪئي هئي.

بجلي جي خرابي سبب تقريبن 360 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، گھڻن جا رخ موڙيا ويا آهن جنهن سبب 56 هزار مسافر ائيرپورٽ تي ڦاسي پيا آهن.

ائيرپورٽ تي ڦاٿل مسافر  بجلي جي خرابي سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔