ملڪ ۾ شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :وفاقي سرڪار پاران پوري ملڪ ۾ شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ مارڪيٽون ساڍا 8 وڳي ۽ شادي هال رات 10 وڳي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

وفاقي ڪابينا پاران سڄي ملڪ ۾ اِي بائيڪس متعارف ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد خواجا آصف وفاقي وزيرن سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏني

وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته توانائي بچائڻ لاءِ ملڪ جي سمورن سرڪاري آفيسن ۾ 30 سيڪڙو بجلي جو استعمال گهٽايو ويندو

هن فيصلي سان 62 ارب رپين جي بچت ٿيندي، پهرين فيبروري کان غير معياري بلب ۽ پهرين جولاءِ کانپوءِ بجلي تي هلندڙ پکا تيار نه ڪيا ويندا

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔