مريم نواز مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائزر مقرر

اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف مريم نواز کي پارٽيءَ جو چيف آرگنائزر مقرر ڪري ڇڏيو.

ن ليگ جي ترجمان ۽ سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نون ليگ جي صدر شهباز شريف پارٽيءَ جي تنظيمي فيصلي جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت مريم نواز پارٽي جي سينئير نائب صدر هوندي.

مريم اورنگزيب موجب پارٽي صدر جي صحيح سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ مريم نواز کي پارٽي جو چيف آرگنائزر پڻ مقرر ڪيو ويو آهي، کيس پارٽي جي نيئن سر تنظيم ڪاري جي ذميواري سونپي وئي آهي، هوءَ هر سطح پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔