پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ سبب وڏو وزير نه رهيو آهي:گهرو وزير

لاهور :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ سبب وڏو وزير نه رهيو آهي، گورنر طرفان هاڻي رڳو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻو آهي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر کي اهو اختيار آهي ته هو وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري، جيئن ئي گورنر آرڊر جاري ڪندو ته ان تي عملدرآمد ٿيندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي گورنر وفاقي سرڪار کي پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ چئي سگهي ٿو،  گورنر هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ وارن هنگامو ڪيو ته ان جو بندوبست ٿيل آهي

وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسپيڪر جي رولنگ ۽ صدر کي لکيل خط جي ڪا حيثيت نه آهي، صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس کانسواءِ ڪو به قدم نه ٿو کڻي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔