بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاريءَ واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي

هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاريءَ واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن، گرفتاريءَ جي سوال جي ڪنهن سنجيده صحافيءَ مان توقع نه هئي

ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن ۾ 16 ملڪن جا دورا ڪيا، بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏنو وڃي

 افغانستان بابت سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي قبول نه ڪرڻ جوڳي آهي، ڀارت ڪشميرين کي لاڳيتو ظلم جو نشانو بڻائي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ٿي نه ٿو سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔