سنڌ ۾ ضرورت موجب ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ضرورت مطابق ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،  وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو

خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 11 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود هو، هيل تائين 7 لک 21 هزار ٽن ڪڻڪ ورهائجي چڪي آهي

مڪيش ڪمار موجب ذخيري ۾ هن وقت 3 لک 79 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا ڊسمبر  ۽ جنوري جو اڌ مهينو هلندي

صوبائي وزير چيو ته جنوري کان مارچ  جي شروع تائين 3 لک ٽن ڪڻڪ جي  ضرورت آهي

 وڏي وزير  ضرورت مطابق  ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي  منظوري ڏئي ڇڏي

مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ خريداري شروع ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔