سنڌ ۾ 80 لک ٻوڏ متاثر پريشان آهن: وزيراعظم

ڪوٽڏيجي: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ اڃا تائين 80 لک ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي
ڪوٽڏيجي جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري بعد تقريب ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان توشه خانه جي کپايل تحفن جي پئسن مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري ها ته کيس شاباشي ڏيون ها
هن چيو ته عمران خان پاڻ مدد ڪرڻ بدران عالمي برادري کي به مدد ڪرڻ کان روڪيو
وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ سکر ايئرپورٽ پهتو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔