برطانيا جو طاقتورايٽمي بيٽري ٺاهڻ جو فيصلو

برطانوي حڪومت جي سهڪار سان دنيا جي سڀ کان پهرين اسپيس بيٽري ٺاهي ويندي جيڪا اميرسيئم 241 سان هلندي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب اميرسيئم نالي عنصر انسانن هٿان بڻايل ڌماڪيدار ڌات آهي جيڪا سخت هوندي.

اها ڌات تڏهن ٺهندي آهي جڏهن پلوٽونيم نيڪليئر ري ايڪٽرز ۾ يا نيوڪليئر هٿيارن جي تجربن جي دوران نيوٽرونز کي جذب ڪيو ويندو آهي. اميرسيئم 241 ان عنصر جو سڀ کان عام آءِ سو ٽوپ آهي.

رپورٽ موجب ايٽمي خلائي بيٽريون جن کي ريڊيو آءِ سو ٽوپ پاور سسٽم جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، ان جي اندر جڏهن ڌماڪيدار مواد گهٽ ٿيندو آهي ته گرمائش نيڪال ٿي ويندي آهي.

اهي بيٽريون ڪيترائي ڏهاڪا مرمت کانسواءِ مسلسل ڪم ڪري سگهنديون آهن، ان سان ڊگهو پنڌ ڪري سگهندي جنهن سان خلائي سفر سولو ٿيندو.

رپورٽ موجب برطانيا جلد اعلان ڪندي جڏهن ته برطانوي خلائي ايجنسي هڪ بيان ۾ چيو ته سڄي دنيا جي خلائي ايجنسين پاران بيٽرين کي مشن لاءِ بنيادي ٽيڪنالوجي قرار ڏنو ويندو آهي.

ناسا جي سمورن مشنز ۾ ايٽمي بيٽري موجود هئي. اهڙي طرح مريخ تي ويندڙ روور ۾ به اها ئي بيٽري وڌي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔