وزيراعظم، فوجي سربراهن ۽ ججن کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وزيراعظم، فوجي سربراهن ۽ ججن کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

پي اي سي چيئرمين نور عالم خان توشا خانا جو گذريل ڏهن سالن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو آهي.

نور عالم خان چيو آهي ته ججن ۽ ڪامورن سميت سمورن ماڻهن کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ پيش ڪيو ويندو.

هن چيو ته آڊيٽر جنرل سياستدانن سميت سڀني کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ پيش ڪري.

پي اي سي چيئرمين وزيراعظم، آرمي چيفس ۽ نيول چيفس کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.

انکانسواءِ چيف جسٽس، ايم اين ايز، سينيٽرز، وڏن وزيرن ۽ گورنرز کي ملندڙ تحفن جو رڪارڊ پڻ گهرايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔