همايون سعيد هالي ووڊ جي نئين ويب سيريز ”دي ڪرائون“ ۾ بولڊ سين ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو

لاس اينجلس: پاڪستاني سپر اسٽار همايون سعيد کي هالي ووڊ جي نئين ويب سيريز ”دي ڪرائون“ ۾ بولڊ سين ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

همايون سعيد ايلزبيٿ ڊيبيڪي سان گڏ ڊاڪٽر حسنات خان جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو جنهن نيٽ فلڪس جي مقبول ترين سيريز ”دي ڪرائون“ ۾ شهزادي ڊيانا جو ڪردار ادا ڪيو هو.

ڊاڪٽر حسنات خان ليڊي ڊيانا جي زندگيءَ ۾ اهو شخص هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ليڊي ڊيانا هن کي ”مسٽر ونڊرفل“ سڏيندي هئي.

ليڊي ڊيانا ۽ ڊاڪٽر حسنات جا لاڳاپا 1995ع کان 1997ع تائين جاري رهيا، ليڊي ڊيانا پاڪستان جي دوري دوران ڊاڪٽر حسنات جي والدين سان به ملاقاتون ڪيون.

جڏهن ته دي ڪرائون ۾ همايون سعيد جي اداڪاري کي ساراهيو پيو وڃي، پر هالي ووڊ جي هيروئنز سان بولڊ سين ڪرڻ تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هنن اهو نه سوچيو هو ته همايون پنهنجي پهرين هالي ووڊ سيريز ۾ ائين ڪندو.

ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو منظر ڪنهن پاڪستاني اداڪارا ڪيو هجي ها ته کيس ٽرول ڪيو وڃي ها، پر جيئن ته همايون سعيد مرد آهي ان ڪري کيس ڪو به ڪجهه نٿو چئي سگهي.

واضح رهي ته دي ڪرائون جو سيزن 5 جيڪو نيٽ فلڪس لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، ان ۾ شاهي خاندان جي 90 واري ڏهاڪي جي واقعن ۽ شاهي خاندان جي زندگيءَ جي مختلف لمحن کي پيش ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔