حليم کان خلع کپي، عدالت 7 لک خرچ ۽ گهر جي مسواڙ ڏياري: دعا ڀٽو

ملير: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي دعا ڀٽو حليم عادل شيخ کان 7 لک رپيا ماهوار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

دعا ڀٽو ملير جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٻار جي  سار سنڀال لاءِ ماهوار 5 لک رپيا گهرجن

دعا ڀٽو مطالبو ڪيو ته گهر جي خرچ ۽ مسواڙ جي مد ۾ 2 لک رپيا ماهوار الڳ سان ڏنا وڃن، جڏهن ته ٻار جي ڪفالت جي به ذميواري ڏني وڃي

دُعا ڀٽو مطالبو ڪيو ته کيس اهو به اختيار ڏنو وڃي ته هو پنهنجي پٽ کي آزادي سان ملڪ اندر ۽ پرڏيهه وٺي وڃي سگهي

دعا ڀٽو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ کان خلع گهرجي

دعا ڀٽو جي درخواست تي عدالت حليم عادل شيخ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

عدالت  حڪم ڏنو ته حليم عادل شيخ 29 نومبر تي پيش ٿئي، جڏهن ته حليم عادل شيخ موقف اختيار ڪيو ته کيس عدالت مان ڪو نوٽيس ناهي مليو، کيس ڪيس بابت به ڪا خبر ناهي

حليم عادل شيخ چيو ته کيس نوٽيس مليو ته سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائيندو

جڏهن حليم عادل شيخ کان ان حوالي سان سوال ڪيو ويو ته اُن اهو چئي جند ڇڏائي ته اِهو منهنجي ذاتي زندگي جو مسئلو آهي، اِن تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔