ارڙنھن سالن تائين ايئرپورٽ تي رهائش ڪندڙ ايراني شخص لاڏاڻو ڪري ويو

پيرس : پيرس ۾ هڪ شخص اهڙو به آهي جيڪو 18سالن تائين ايئرپورٽ تي رهائش ڪندو رهيو، ڄاڻايل ايراني شخص لاڏاڻو ڪري ويو آهي

ايراني شخص مهراڻ ڪريمي پيرس جي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي 2 ڏهاڪا رهائش اختيار ڪئي، ڪريمي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جي ٽرمينل هڪ ۾ 1988 کان 2006 تائين ترسيل رهيو، شروع ۾ ڪاغذ نه هجڻ ڪري ايئرپورٽ تي ترسيو، بعد ۾ مسئلو حل ٿيڻ بعد به اتي ئي رهيو

ميڊيا رپورٽن موجب مهراڻ ڪريمي کي ايئرپورٽ تي سفر الفريڊ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ هن ان تجربي تي هڪ ڪتاب “دي ٽرمينل” به لکيو

سندس زندگي کان متاثر ٿي 2004ع ۾ ٽام هينڪس جي فلم دي ٽرمينل رليز ٿي هئي. مهراڻ 1974ع ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا ويو پر اتي سياسي نظرين جي ڪري جلاوطن ٿيو. پيرس ايرپورٽ وڃڻ کان اڳ سندس دستاويز چور يٿي ويا، جنهن ڪري هن 6 مهينا جيل به ڀوڳيو، آزادي ماڻڻ بعد ڊيگال ائيرپورٽ تي ئي رهي پيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔