سائفر سازش معاملو ختم ٿي چڪو، هاڻ آمريڪا تي الزام ناهيان هڻندو: عمران خان

لاهور:پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان روس جي دوري کي غلطي قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ پاڪ فوج تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، سائفر جي سازش وارو معاملو ختم ٿي چڪو، هاڻ آمريڪا تي الزام ناهيان هڻندو، اقتدار ۾ آيس ته آمريڪا سان ناتا بهتر بڻائيندس

برطانوي اخبار سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سائفر بيان کي ماضي جو حصو قرار ڏيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ سازش جو بيان گذري چڪو هاڻ اهو پوئتي رهجي ويو. مان هاڻ آمريڪا مٿان الزام ناهيان هڻندو. واشنگٽن سان بهتر لاڳاپا چاهيان ٿو. ٻيهر وزيراعظم بڻيس ته آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهيندس

يوڪرين تي روسي حملي کان هڪ ڏينهن اڳ ماسڪو جو دورو وڏي غلطي هئي. اڳوڻي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر چيو ته اهڙي پاڪستان جي قيادت چاهيندس جنهن جا سڀني سان خاص ڪري آمريڪا سان سٺا لاڳاپا هجن. آمريڪا سان آقا غلام جي تعلق ۾ آمريڪا کي نه پر پنهنجي حڪومتن کي قصوروار مڃان ٿو

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته منهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ پاڪ فوج تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. طاقت ٻئي طرف هجي ته چونڊيل حڪومت عوامي اميدن تي پورو نٿي لهي سگهي. نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي چاهيان ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔