موبائيل واهپيدارن لاءِ خوشخبري، جديد 5G نيٽ ورڪ آڻڻ ۾ اڳڀرائي

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير امين الحق خوشخبري ڏني آهي ته پاڪستان ايندڙ سال جولاءِ تائين 5G متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي امين الحق چيو ته پاڪستان ۾ سمارٽ فونز جي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي، ڪوشش آهي ته هر شهري جي ٽيڪنالاجي تائين رسائي ممڪن بڻائي سگهجي.

آءِ ٽي واري وزير چيو ته پاڪستان جي برآمدات ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ آئي ٽي ۾ ٿي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي برآمدات ۾ 47.44 سيڪڙو اضافو ٿيو.

هن چيو ته آءِ ٽي ۽ مواصلات واري وزارت ۾ ڪرپشن جو ڪو به نشان ناهي، جيڪو به ڪرپشن ۾ ملوث هوندو اهو وزارت ۾ نه رهندو.

امين الحق چيو ته جڏهن مون وزارت سنڀالي ته اسان جي ايڪسپورٽ 1.4 بلين ڊالر هئي، اڄ ايڪسپورٽ وڌي 2.6 بلين ڊالر ٿي وئي آهي جڏهن ته اسان جو هدف 5 ارب ڊالر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔